گھوٽڪي: ڪچي مان 3 مغوي بازياب

گھوٽڪي (ويب ڊيسڪ) اينٽي وائلينٽ ڪرائيم سيل (اي وي سي سي ) ۽ گھوٽڪي پوليس گھوٽڪي جي ڪچي ۾ گڏيل ڪارروائي ڪندي ٽن مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو.
اختياريون ٻڌايو آهي ته اغوا ڪندڙن هڪ مغوي کي ڪراچي ۽ 2 کي گھوٽڪي مان اغوا ڪيو هو، مغوين ۾ نذر ابڙو، سبحان ۽ جاويد صديقي شامل آهن.
پوليس موجب اغوا ڪندڙ شهرين کي اغوا ڪري ڪچي جي علائقي وٺي ويا هئا.
جوابدارن مغوين جي آزاديءَ لاءِ سندن وارثن کان ڀنگ طلب ڪيو هو، ڪارروائي دوران جوابدار فرار ٿي ويو جن جي ڳولا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.