گلگت، هنزا ۽ اسڪردو ۾ زلزلي جا سخت لوڏا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گلگت، هنزا ۽ اسڪردو ۾ زلزلي جا سخت لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
گلگت بلتستان جي علائقن عذر، ديامر، گانڇي ۽ کرمنگ ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.2 رڪارڊ ڪئي وئي، ان جي اونهائي 25 ڪلو ميٽر ۽ مرڪز گلگت کان 45 ڪلو ميٽر ڏکڻ اوڀر هو.
زلزلي کانپوءِ ماڻهو خوف ۾ ڪلمي جو ورد ڪندي گهرن مان نڪري آيا، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ بجلي به معطل ٿي وئي.
زلزلي سبب فوري طور تي ڪنهن جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.