41 سيڪڙو پاڪستانين جي نظر ۾ ملڪ اڳ کان وڌيڪ غير محفوظ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گيلپ پاڪستان جي سروي موجب هر 10 مان 4 پاڪستاني عدم تحفظ جو شڪار آهن.
گيلپ پاڪستان عوامي راءِ تي ٻڌل نئين سروي جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ 41 سيڪڙو ماڻهن ملڪ کي اڳ کان وڌيڪ غير محفوظ قرار ڏنو.
سروي ۾ شريڪ شهرين چيو ته 10 سال اڳ جي ڀيٽ ۾ بدامني وڌي آهي ۽ ذاتي تحفظ جو احساس گهٽيو آهي.
سروي ۾ 39 سيڪڙو مڪمل اختلاف ڪيو ۽ چيو ته پاڻ کي ملڪ ۾ اڳ کان وڌيڪ محفوظ سمجهون ٿا.
سروي ۾ 51 سيڪڙو پاڪستانين دنيا کي به اڳ کان وڌيڪ غير محفوظ چيو ۽ سندن موجب ايندڙ نسلن لاءِ دنيا دنيا کي غير محفوظ سمجهون ٿا، جڏهن ته 26 سيڪڙو دنيا کي مڪمل محفوظ چيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.