علي ظفر عاطف اسلم سان جهيڙي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) علي ظفر ساٿي گلوڪار عاطف اسلم سان جهيڙي ۽ خراب لاڳاپن بابت گردش ڪندڙ خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
علي ظفر تازو ئي هڪ شو ۾ مهمان طور تي شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي ڪيريئر ۽ ذاتي زندگي بابت کُلي ڪري ڳالهايو.
انٽرويو دوران گلوڪار کان سوال ڪيو ويو ته ماڻهو اوهان ۽ عاطف اسلم وچ ۾ جهيڙي يا خراب لاڳاپن بابت ڳالهائيندا آهن ڇا اهو سچ آهي ته اوهان ٻئي هڪ ٻئي جا مخالف آهيو؟ هونئن اهو سدائين ٻن مشهور بينڊز جي وچ ۾ ٿيندو آيو آهي.
ساٿي گلوڪار عاطف اسلم سان جهيڙي بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ٻئي پهريان گڏ اٿندا ويهندا هئاسين پر هاڻي ٻئي پنهنجي زندگي ۾ مصروف آهيون ۽ ٻنهي جو ڪامياب ڪيريئر آهي. آئون ان ڳالهه تي يقين رکان ٿو ته فنڪارن کي سدائين پاڻ ۾ گڏجي رهڻ گھرجي، هڪ ٻئي سان دشمني يا مقابلي بازي نه ڪرڻ گھرجي.
هن چيو ته ڪو به هميشه لاءِ هتي نه آهي، آئون اڄ آهيان سڀاڻي نه هوندس ائين ئي عاطف به اڄ آهي سڀاڻي نه هوندو، اهو ئي ٿيندو آيو آهي.
علي ظفر چيو ته ماضي ۾ ليجنڊ گلوڪار عالمگير صاحب ۽ شيخي صاحب کي ڏسي وٺو هنن جي وچ ۾ به ماضي ۾ مقابلا ٿيا پر اڄ اُهي ٻئي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائيندا آهن. ايترو وقت جهيڙي ۾ زيان ٿي ويو، ڪهڙو فائدو ٿيو؟
هن ٻڌايو ته آئون عاطف اسلم سان ڳالهايو پر ان بابت ماڻهن کي نه ٻڌائيندس ڇو جو اُها مون وٽ امانت آهي پر ان جو خلاصو اهو آهي ته هر انسان هڪ ٻئي کان مختلف آهي ۽ سڀ جي زندگي گذارڻ جو پنهنجو طريقو آهي، ٿي سگھي ٿو ته اسان جو ڪنهن شيءِ بابت هڪ ٻئي سان اختلاف هجي پر اها ئي شيءِ اسان کي انوکو بڻائي ٿي ۽ عاطف جي پنهنجي دنيا آهي کيس ان ۾ رهڻ پسند آهي آئون ان شيءِ جو قدر ڪندو آهيان.
علي ظفر وڌيڪ چيو ته فنڪارن کي پاڻ ۾ خوشگوار ماحول رکڻ گھرجي ۽ نئين ٽئلينٽ کي به جاءِ ڏيڻ گھرجي ته جيئن نئون ڪم سامهون اچي سگھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.