پي ايس ايل 9 جي رنگا رنگ افتتاحي تقريب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) رنگا رنگ افتتاحي تقريب سان پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جو آغاز ٿي ويو
پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي رنگا رنگ افتتاحي تقريب ۾ فنڪارن جي شاندار پرفارمنس چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.


لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي افتتاحي تقريب لاءِ سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا.
تقريب ۾ راڳي علي ظفر، آئما بيگ، نتاشا بيگ ۽ عارف لوهار سميت ٻين فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
تقريب جي پڄاڻي تي شاندار آتشبازي ۽ ليزر شو جو مظاهرو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.