پي ٽي آءِ جو وفاق ۽ پنجاب ۾ اپوزيشن ۾ ويهڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف وفاق ۽ پنجاب ۾ اپوزيشن ۾ ويهڻ جو فيصلو ڪري ورتو .
اسلام آباد پي ٽي آءِ ۽ قومي وطن پارٽي جي اڳواڻن جي ملاقات ٿي، ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي هدايت تي قومي وطن پارٽي جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، ملڪ ۾ هم آهنگي ۽ مفاهمت چاهيون ٿا.
هن چيو ته فارم 45 ثبوت آهن اسان جي اميدوارن کٽيو آهي پر فارم 47 ۾ نتيجا تبديل ڪيا ويا، مولانا فضل الرحمان، جماعت اسلامي به احتجاج جو اعلان ڪيو آهي، هر پنج سالن کانپوءِ چونڊون ٿينديون آهن ۽ پوءِ تڪراري ٿي وينديون آهن، چونڊن جو مقصد فوت ٿي ويو آهي.
سندس چوڻ هوته اسان پي ٽي آءِ باني عمران خان جي هدايت سياسي پارٽين سان رابطا ڪري رهيا آهيون ۽ سندس هدايتن تي مرڪز ۽ پنجاب ۾ اپوزيشن ۾ ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.