اي اين پي جو چونڊ نتيجن خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان

پشاور (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) چونڊ نتيجن کي رد ڪندي احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
عوامي نيشنل پارٽي جي صوبائي صدر ايمل ولي خان اعلان ڪيو ته احتجاجي مظاهرن جي شروعات 20 فيبروري کان ٿيندي، سڀ کان اڳ احتجاجي تحريڪ جو پروگرام صوابي ضلعي ۾ ٿيندو.
هن چيو ته صوابي ۾ پرامن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو، جنهن ۾ مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن شريڪ ٿيندا، پوءِ 23 فيبروري تي چارسده ۾ پرامن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته اسان ڌانڌلي ۽ نتيجن خلاف پرامن احتجاج ڪنداسين، پنهنجي حقن لاءِ وڙهندا رهنداسين، توهان حڪومتون ٺاهيو ۽ هٽايو هاڻ اسان ائين نه ٿيڻ ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.