نيپرا اوور بلنگ جي معاملي تي بجلي ڪمپنين جا جواب غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپرا اوور بلنگ جي معاملي تي بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جا جواب غير تسلي بخش قرار ڏيندي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
نيپرا چيئرمين وسيم مختار جي صدارت هيٺ بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين هلندڙ مالي سال جي ٻي ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ تحت 84 ارب رپين جو بار واهپيدارن کي منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست منظور ٿيڻ تي فيصلو ڪي اليڪٽرڪ سميت سڀني بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين تي لاڳو ٿيندو.
نيپرا جو چوڻ آهي ته بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين ۾ هڪ لک 70 هزار بجلي ڪنيڪشن پينڊنگ ۾ آهن ۽ ڪيپيسٽي پيمنٽس وڌندي پئي وڃي، اهي ڪنيڪشن فراهم ڪري 1100 ميگا واٽ بجلي وڪرو ڪري سگهجي ٿي.
نيپرا موجب ڊسڪوز طرفان واهپيدارن کي منتقل ڪئي ويندڙ رقم ۾ 75 ارب رپيا ته رڳو ڪيپيسٽي ادائيگين جي مد ۾ گهريا ويا هئا، جتي بجلي ناهي ملندي، اتي به ڪيپيسٽي پيمنٽس شامل آهن.
نيپرا چيئرمين چيو ته ڪمپنين طرفان درخواست ۾ گهريل رقم بابت سوالن جو تسلي بخش جواب نه ملڻ تي مايوسي ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.