حارث رئوف لاهور قلندرز کي ٽيون ڀيرو چيمپيئن بڻائڻ لاءِ پرعزم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل ) فرنچائز لاهور قلندرز جي فاسٽ بالر حارث رئوف ٽيون ڀيرو پنهنجي ٽيم کي ٽيون ڀيرو چيمپيئن بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حارث رئوف چيو ته مسلسل ٻه دفعا پي ايس ايل چميپيئن بڻجي چڪا آهيون، هن سال به مداحن جون اميدون هونديون ته ٽائٽل کٽيون.
هن چيو ته گذريل سال جيان هن سال به سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڪارڪردگي ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، ان مان سکندا آهيون.
فاسٽ بالر چيو ته جيڪي غلطيون ڪيون انهن مان سکڻ جي ڪوشش ڪنداسين، پريڪٽس سيشن دوران پنهنجي غلطين تي ڪم ڪندس.
حارث رئوف اِهو به چيو ته شاهين آفريدي سان ڊگهي عرصي کان گڏ کيڏي رهيو آهيان، هو پنهنجي ٽيم لاءِ وڙهندو آهي.
هن چيو ته پي ايس ايل هجي يا قومي ٽيم شاهين آفريديءَ جي ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي ٽيم کي ريلڪس رکي، هن سدائين پنهنجي رانديگرن جي حمايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.