25 رڪني وفاقي ڪابينا جو امڪان، ايم ڪيو ايم کي 5 وزارتون ڏيڻ تي غور

لاهور (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن کانپوءِ ملڪ ۾ ٺهندڙ نئين وفاقي ڪابينا ۾ ايم ڪيو ايم کي 5 وزارتون ڏيڻ جو امڪان آهي.
ن ليگ ذريعن موجب پارٽي قائد نواز شريف ۽ شهباز شريف ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ شهباز شريف مختلف اتحادين سان ٿيندڙ ملاقاتن تي نواز شريف کي بريفنگ ڏني.
ملاقات ۾ وفاقي ڪابينا لاءِ نالن تي به غور ڪيو ويو، پهرئين مرحلي ۾ 25 رڪني ڪابينا جوڙڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم کي 3 کان 5 وزارتون ڏيڻ جو امڪان آهي.
پارٽي ذريعن موجب ن ليگ طرفان پارٽي جي 15 سينيئر اڳواڻن جا نالا به وفاقي وزير لاءِ غور هيٺ آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ عون چوڌري کي وزيراعظم جو خاص مددگار بڻائڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.