پي ايس ايل 9: پرڏيهي ڪرڪيٽرن جي غير موجودگي فرنچائز مالڪن جا مٿي تي هٿ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) شروع ٿيڻ کان اڳ ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندرز کي وڏو جهٽڪو لڳي ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، پي ايس ايل فرنچائز ڪراچي ڪنگز ٻن اهم پرڏيهي ڪرڪيٽرن تبريز شمسي ۽ جيمي اوورٽن جي محدود دستيابي پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.
ڏکڻ آفريڪي ليگ اسپنر تبريز شمسي پي ايس ايل جون رڳو ڇهه ميچون کيڏي سگهندو جڏهن ته ڇهه مارچ تي علائقائي ٽورنامينٽ سبب ليگ جي ٻئي هاف ۾ ٽيم کي دستياب نه هوندو.
انگلش آل رائونڊر جيمي اوورٽن کي پنج اپريل کان شروع ٿيندڙ ڪائونٽي چيمپئن شپ ۾ سري جي نمائدگي لاءِ پي ايس ايل کي اڌ ۾ ڇڏڻو پوندو.
ان کانسواءِ لاهور قلندرز جو رسي وين ڊر ڊوسن به ڏکڻ آفريڪا سان معاهدي ۽ ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽ سبب پي ايس ايل جي ڪجهه ميچون کيڏي سگهندو.
واضح رهي ته ان کان اڳ ملتان سلطانز جي ٽيم کي فاسٽ بالر احسان الله ۽ ريس ٽوپلي انجري سبب وڏو جهٽڪو لڳو آهي، ٻئي فاسٽ بالر ٽورناميٽ مان آئوٽ ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.