نيئن دهلي (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ زراعت جي شعبي ۾ جتي ڏينهون ڏينهن جدت ايندي پئي وڃي اتي ئي آبادگارن جو ڌيان موسمياتي تبديلين کان بچندي گھٽ وسيلن سان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ ڏانهن آهي.
تازو ئي ڀارت سان واسطو رکندڙ هڪ آبادگار هڪ ئي ٻوٽي ۾ پٽاٽو ۽ ٽماٽو پوکڻ جو ڪارنامو انجام ڏنو آهي. هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ٻن مختلف ٻوٽن سان ٻه مختلف ڀاڄيون پوکڻ ڪيئن ممڪن آهي؟
ڀارتي ميڊيا موجب ڊرافٽنگ جي مدد سان هڪ ٻوٽي سان ٻه ڀاڄيون پوکي سگھجن ٿيون.
View this post on Instagram
ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي هاريءَ ان ٻوٽي جو نالو ”پوماٽو“ رکيو آهي، ان حوالي سان ڀارتي هاريءَ جو چوڻ آهي ته ڊرافٽنگ جي مدد سان هڪ ئي ٻوٽي سان ٻن مختلف قسمن جي واڌو پيداوار حاصل ڪري سگھجي ٿي.
هاريءَ پنهنجي وڊيو ۾ ٻڌايو ته هڪ ئي ٻوٽي مان 2 ڪلو ٽماٽا ۽ ڏيڍ ڪلو پٽاٽا حاصل ڪري سگھجن ٿا.