72 ڪلاڪ انتهائي اهم، معاملا درست ٿي ويندا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ عام چونڊن جا نتيجا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سياسي جماعتن ۽ آزاد اميدوارن جي پارٽي پوزيشن واضح ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ حڪومت سازي لاءِ جوڙ ٽوڙ جو سلسلو جاري آهي.
ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته 72 ڪلاڪن ۾ معاملا تيزيءَ سان درست ٿيڻ شروع ٿي ويندا ۽ پوءِ 5 سالن کانپوءِ هڪ پاسي عمران خان ڪيسن کي منهن ڏيندو هوندو ته ٻئي پاسي پي ٽي آءِ ڪارڪن عام شهرين جيان ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا هوندا، جڏهن ته پردي پويان قوتون شڪست ڏئي پوئتي هٽي وينديون.
ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ن ليگ جيڪڏهن وفاق ۾ حڪومت ٺاهي ٿي ته چونڊن ۾ شڪست کائيندڙ ليگي اڳواڻ خواجا سعد رفيق ئي ريلوي وارو وزير هوندو، جڏهن ته راڻا ثناءُ الله گهرو وزارت سنڀاليندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.