عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن تي ٿيل مقابلن جي سڀني نتيجن جو اعلان ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ عمران خان، عاصم منير کي شڪست ڏئي ڇڏي.
قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 99 فيصل آباد ۾ عمران خان، عاصم منير کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا.
هونئن ته ان تڪ ۾ آزاد اميدوار عمر فاروق هڪ لک 20 هزار 686 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي پر اتان بيٺل اميدوار عمران خان 15 هزار 96 ووٽ کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته عاصم منير 2 هزار 809 ووٽ کڻي ڏهين نمبر تي رهيو.
هاڻ جيڪو توهان سوچي رهيا آهيو اهڙو ڪجهه به ناهي، حقيقت ۾ عام منير جماعت اسلامي جو اميدوار آهي ۽ عمران خان تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ٽڪيٽ تي چونڊن ۾ حصو ورتو هو.
Prev Post
You might also like