خيبرپخونخوا ۾ بڙ جي وڻ کي ڇو گرفتار ڪيو ويو ؟

پاڪستان جي صوبي خيبرپختونخوا ۾هڪ وڻ گذريل 122 سالن کان زنجيرن ۾ قيد آهي، جنهن هاڻ تاريخي طور تي سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو آهي.
ان وڻ جي قصو برطانوي دور کان شروع ٿئي ٿو، جڏهن ڀارت ۾ برطانوي راڄ خلاف آزاديءَ جو نعرو بلند ٿي چڪو هو.
خيبر ايجنسي جي لنڊي ڪوتل ڇانوڻي ۾ موجود بڙ جو وڻ گذريل 122 ورهين کان قيد آهي.
وڻ جي زنجيرن ۾ جڪڙڻ جي ڪهاڻي به ڏاڍي دلچسپ آهي، ان بڙ کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم هڪ برطانوي فوجي آفيسر ڏنو هو.
انگريز جڏهن سرحدي علائقي ۾ موجود هئا ته قبائلي ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت ۽ ان سان محبت خاطر انگريزن سان هر وقت ويڙهه لاءِ تيار رهندا هئا.
1898 جي هڪ رات انگريز آفيسر جيمز سڪوئڊ نشي جي حالت ۾ بڙ جي ويجهو ويو، ان دوران کيس ائين محسوس ٿيو ته جيئن بڙ مٿس حملو ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو آهي.
اِهو ڏسي فوجي آفيسر ترت اهلڪارن کي وڻ کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، آفيسر جو اِهو حيرت جوڳو حڪم ٻڌي جوان ٻڏتر جو شڪار ٿي ويا، پر اعليٰ آفيسر جي حڪم تي عمل ڪندي وڻ کي گرفتار ڪيو ويو.
جيئن تي جيمز سڪوئڊ نالي برطانوي آفيسر ڇانوڻيءَ جي دوري تي آيل هو ۽ جڏهن ٻئي ڏينهن اتان ويو ته کائنس وڻ جي آزادي جو حڪم ڏيڻ وسري ويو۽ اِهو ڏينهن آهي ۽ اڄ جو ڏينهن وڻ هڪ آفيسر جي غلط فهمي جي بنياد تي سزا ڪاٽي رهيو آهي.
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ وڻ تي هڪ بورڊ پڻ لڳايو ويو جنهن تي انگريزي ۾ لکيو ويو آهي ته ” مان گرفتار ٿي چڪو آهيان، هڪ برطانوي آفيسر جيڪو نشي ۾ ڌُت هو ۽ کيس لڳو ته مان پنهنجي جاءِ تان هٽي رهيو آهيان، تنهنڪري هُن مون کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، انڪري اڄ تائين گرفتار آهيان“ .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.