جاويد اختر زبردستي کٽرائڻ خلاف وڊيو بيان جاري ڪري ڇڏيو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ 286 ۽ اين اي 184 ڊيرا غازي خان جي آزاد اميدوار جاويد اختر لنڊ جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي جنهن جي عنوان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته کيس زبردستي ڌانڌلي ذريعي کٽرايو ويو آهي.

وڊيو وائرل ٿيڻ بعد جاويد اختر لنڊ پاڻ به پنهنجي فيس بڪ اڪائونٽ تان وضاحت ڪئي ته اها خبر ڪوڙي آهي.

پنهنجي پوسٽ جا وائرل اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي جاويد اختر لکيو ته ميڊيا تي آيل خبر جي تصحيح ڪرڻ چاهيندس. منهنجو ن ليگ سان ڪو واسطو ناهي مان پي ٽي آءِ جو هصو هيس، ٽڪيٽ نه ملڻ سبب ن ليگ خلاف آزاد حيثيت ۾ وڙهيس ۽ مان وڊيو ۾ پنهنجي نه پر ن ليگ جي اميدوار کي پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوارن خلاف کٽرائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي جنهن جي مان پرزور مذمت ڪريان ٿو، سڀني دوستن کي اپيل آهي ته درستگي ڪن.

خيال رهي ته جاويد اختر آزاد حيثيت سان اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيو هو ۽ کيس پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت حاصل ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.