ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي 7 مان 6 رياستن ۾ تيز برساتن کانپوءِ تعليمي ادارن ۾ سومر تي موڪل ڪئي وئي آهي.
گڏيل عرب امارتن جي رياستن ابو ظهبي، شارجا، فجيرا، عجمان ۽ راس الخيمه ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان تيز مينهن وسيو.
موسميات کات خراب موسم جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي به ڪئي وئي آهي.
تعليم کاتي دبئي ۽ شارجا جي تعليمي ادارن ۾ سومر تي موڪل جو اعلان ڪيو آهي.
اماراتي اختيارين سرڪاري ۽ نجي ڪمپنين جي ملازمن کي گهران ويهي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته شهرين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.