فخر زمان پي ايس ايل ۾ ڪهڙي پوزيشن تي بيٽنگ ڪندو؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي جارحاڻي بيٽر فخر زمان چيو آهي ته پاڪستان ٽيم جو معاملو الڳ آهي، جڏهن ته پاڪستان سپر ليگ ۾ اوپننگ ئي ڪرڻ چاهيندس.
لاهور ۾ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي فخر زمان چيو ته مان پروفيشنل رانديگر طور ڪنهن به نمبر تي کيڏڻ لاءِ تيار آهيان، پي ايس ايل لاءِ سٺي تياري هلي رهي آهي.
هن چيو ته اسان ٻه ڀيرا ٽائيٽل کٽيو آهي، ذهن ۾ اهو ئي آهي ته ٽيون ڀيرو به کٽيون پر پريشر به هوندو، ڪوشش ڪنداسين ته جيئن گذريل سيزن کيڏياسين ائين ئي کيڏون.
انڊر 19 ٽيم جي ڪارڪردگي تي سندس چوڻ هو ته پاڪستان جا ٽئي فاسٽ بالر سٺا هئا، ڏسون ته اهي اڳتي ڪيئن ٿا پرفارم ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.