قطري وزيراعظم پاران شاهه رخ خان جي آجيان

دوحه (ويب ڊيسڪ) قطري وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني پاران بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي آجيان جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

سوشل ميڊيا تي شاهه رخ خان جي ناليواري شخصيت سان گڏ تصويرون  زينت بڻيل آهي جن ۾ فيفا صدر گيني انفينيٽو به شامل آهي.

شاهه رخ خان لوسيل اسٽيڊيم ۾ اردن ۽ قطر جي ميچ ۾ شرڪت ڪئي جتي قطري وزيراعظم پاڻ سندس آجيان ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.