لوئر دير (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي لوئر دير ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻه ٻار مارجي ويا ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو اختيارين موجب ڌماڪو لوئر دير جي علائقي شگو ڪس ۾ ٿيو.
پوليس ٻڌايو ته مارجي ويلن ٻارن جي عمر 7 کان 8 سالن جي وچ ۾ آهي، جيڪي مڇي پڪڙي رهيا هئا، ڌماڪو بارودي مواد ڦاٽڻ سبب ٿيو.
هوڏانهن سيڪيورٽي فورسز علائقي جو گهيرو ڪري سرچ آپرِيشن شروع ڪري ڇڏيو.
You might also like