عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي جنرل سيٽن تي 11 عورتون به ڪامياب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي جنرل سيٽن تي 11 عورتون به ڪامياب ٿي ويون.
ن ليگ ۽ آزاد اميدوار 4-4، پ پ جون 2، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي هڪ عورت اميدوار ڪامياب ٿي.
قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 30 پشاور مان آزاد اميدوار شاندانه گلزار، اين اي 67 حافظ آباد مان آزاد اميدوار انيقه مهدي، اين اي 73 ڊسڪه مان ن ليگ اميدوار سيده نوشين افتخار، اين اي 112 ننڪانه مان ن ليگ اميدوار شذره منصب علي خان کرل ۽ اين اي 119 مان ن ليگ جي مريم نواز شريف ڪامياب ٿي.
اهڙي ريت اين اي 156 مان آزاد اميدوار عائشه نذير، اين اي 158 وهاڙي مان ن ليگ جي تهمينه دولتانه، اين اي 185 ڊيرا غازي خان مان آزاد اميدوار زرتاج گل، اين اي 202 خيرپور مان پ پ جي نفيسه شاهه، اين اي 209 مان پ پ جي شازيه مري ۽ اين اي 232 ڪراچي مان ايم ڪيو ايم جي آسيه اسحاق صديقي ڪامياب ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.