الله پاڪستان تي وڏو مهربان آهي، مينڊيٽ قبول ڪري فائدو کڻڻ گهرجي: عارف علوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي چيو آهي ته اسان جي شهرين جي هن عظيم ميڊينٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي کليل نموني تسليم ڪرڻ گهرجي، ووٽ لاءِ ٻاهر نڪرڻ تي عورتون ۽ نوجوان مبارڪباد جا حقدار آهن.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ عارف علوي چيو ته سخت مالي بحران مان نڪرڻ، ڏکيا فيصلا ڪرڻ ۽ ماضي جون تڪليفون ختم ڪرڻ لاءِ هڪ حقيقي مينڊيٽ ضروري هو، جيڪو نظر اچي رهيو آهي، اسان کي ان پرجوش جذبي جو مشن ملهائڻ گهرجي ۽ دنيا کي پاڪستان جو اهو خوبصورت چهرو ڏيکارڻ گهرجي.
هن چيو ته اسان جي شاندار مستقبل ۾ منهنجو اعتماد مضبوط ٿيو آهي، ڇو ته ماڻهن کليل نموني وڏي انگ ۾ پنهنجي مرضي جو اظهار ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته سياستدانن، انهن جي جماعتن ۽ اسان جي ادارن کي الله طرفان موڪليل ان موقعي تي قبول ڪري ان مان فائدو کڻڻ گهرجي، بيشڪ الله پاڪستان تي وڏو مهربان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.