ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان سنڌ اسيمبلي جي سيٽ کٽي ورتي.
سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 129 ڪراچي سينٽرل جي مڪمل پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب حافظ نعيم الرحمان 26926 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.
ايم ڪيو ايم پاڪستان جو معاذ مقدم 20608 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.
واضح رهي ته حافظ نعيم قومي اسيمبلي جي ٻن تڪن تان به بيٺو هو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو.
Prev Post
Next Post
You might also like