ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جون سيٽون ڪنهن ڪنهن کٽيون؟ نتيجا ڏسو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ کانپوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي.
اليڪشن ڪميشن طرفان ڪراچي جي قومي اسيمبلي تڪن جا نتيجا جاري ڪيا ويا آهن، جيڪي توهان هيٺ ڏسي سگهو ٿا.
اين اي 250
اين اي 250 ڪراچي سينٽرل 4 جي ڪُل 307 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي نتيجي موجب ايم ڪيو ايم جو فرحان چشتي 79 هزار 925 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.
اين اي 249
اين اي 249 ڪراچي سينٽرل 3 جي ڪُل 320 پولنگ اسٽيشن جي غير حتمي نتيجي موجب ايم ڪيو ايم جو احمد سليم صديقي 77 هزار 529 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.
اين اي 248
اين اي 248 ڪراچي سينٽرل 2 جي ڪُل 361 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي نتيجي موجب ايم ڪيو ايم جو خالد مقبول صديقي هڪ لک 3 هزار 82 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.
اين اي 247
اين اي 247 ڪراچي سينٽرل ون جي ڪُل 267 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي نتيجي موجب ايم ڪيو ايم جو خواجا اظهار الحسن 64 هزار 945 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.
اين اي 244
اين اي 244 ڪراچي اولهه 1 جي ڪُل 129 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي نتيجي موجب ايم ڪيو ايم جو فاروق ستار 20 هزار 48 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.
اين اي 243
اين اي 243 ڪياماڙي 2 جي ڪُل 310 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي نتيجي موجب پ پ جو عبدالقادر پٽيل 60 هزار 266 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.
اين اي 240
اين اي 240 ڪراچي ڏکڻ 2 جي ڪُل پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي نتيجي موجب ايم ڪيو ايم جو ارشد عبدالله 30 هزار 573 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.
اين اي 239
اين اي 239 ڪراچي ڏکڻ 1 جي ڪُل 181 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي نتيجي موجب پ پ جو نبيل گبول 40 هزار 77 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.
اين اي 236
اين اي 236 ڪراچي اوڀر 2 جي ڪُل 294 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي نتيجي موجب ايم ڪيو ايم جو حسان صابر 38 هزار 871 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.
اين اي 235
اين اي 235 ڪراچي اوڀر 1 جي ڪُل 96 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي نتيجي موجب ايم ڪيو ايم جو محمد اقبال خان 20 هزار 185 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.
اين اي 234
اين اي 234 ڪورنگي ڪراچي 3 جي ڪُل 195 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي نتيجي موجب ايم ڪيو ايم جو محمد معين عامر پيرزادا 73 هزار 687 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.
اين اي 233
اين اي 233 ڪورنگي ڪراچي 2 جي ڪُل 287 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي نتيجي موجب ايم ڪيو ايم جو محمد جاويد حنيف خان هڪ لک 3 هزار 967 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.
اين اي 232
اين اي 232 ڪورنگي ڪراچي 1 جي ڪُل 270 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي نتيجي موجب ايم ڪيو ايم جي آسيه اسحاق صديقي 88 هزار 260 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وئي.
اين اي 231
اين اي 231 ملير 3 جي ڪُل 215 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي نتيجي موجب پ پ جو عبدالحڪيم بلوچ 43 هزار 634 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.
اين اي 230
اين اي 230 ملير 2 جي ڪُل 163 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي نتيجي موجب پ پ جو سيد رفيع الله 30 هزار 99 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.
اين اي 229
اين اي 229 ملير 1 جي ڪُل 184 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي نتيجي موجب پ پ جو ڄام عبدالڪريم بجار 55 هزار 732 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل ڪراچي جي هيل تائين جي قومي اسيمبلي نتيجن ۾ ايم ڪيو ايم 10 ۽ پ پ 6 سيٽون کٽيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.