خيرپور: پ پ ۽ جي ڊي اي ڪارڪنن ۾ جهيڙو، فائرنگ، 10 ڄڻا زخمي

ڪي اين شاهه (ويب ڊيسڪ) خيرپور ناٿن شاهه ۾ چونڊن دوران پولنگ اسٽيشن تي پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي جي ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون ٿي پيون جنهن جي نتيجي ۾ 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.
پ پ ۽ جي ڊي اي جي ڪارڪنن ۾ جهيڙي دوران فائرنگ سبب 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا جن مان 4 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو جڏهن ته ڪافي دير تائين فائرنگ جي ڏي وٺ جو سلسلو جاري رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.