پاڪستان ۾ چونڊن تي چين جو اهم بيان

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ عام چونڊن تي چين چيو آهي ته چونڊون پاڪستان جو اندروني معاملو آهن، پاڪستان سڀني موسمن جو اسٽريٽجڪ ڀائيوار ۽ فولادي دوست آهي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ حملن تي گهري ڳڻتي آهي، چين پاڪستان ۾ ٿيندڙ حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو، حملن ۾ جاني نقصان تي ڏک آهي، وارثن ۽ زخمين سان همدردي آهي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته چين هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، چين دهشتگردي جي خاتمي، معاشري جي تحفظ ۽ سلامتي جي بچاءَ لاءِ پاڪستان جي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام جي اڻٿڪ ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو.
چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ هو ته سڀني موسمن جي اسٽريٽجڪ ڀائيوار ۽ فولادي دوست هجڻ جي حيثيت سان اميد ڪريون ٿا ته پاڪستان جون چونڊون هموار، مستحڪم ۽ محفوظ انداز ۾ ٿين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.