ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 246 جي هڪ پولنگ اسٽيشن تي عورتون هڪ به ووٽ نه وجهي سگهيون.
پريزائيڊنگ آفيسر عورتن جي ووٽ نه وجهڻ جو سبب اليڪشن ڪميشن عملي جي غير موجودگي قرار ڏنو.
اين اي 246 ۾ ڪُل آبادي 8 لک 77 هزار 858 آهي، جنهن ۾ مرد ووٽرن جو انگ ٻه لک 41 هزار 259، جڏهن ته عورت ووٽرز جو انگ هڪ لک 82 هزار 602 آهي، ان تڪ ۾ 291 پولنگ اسٽيشنون موجود آهن.
Prev Post
Next Post
You might also like