ضابطن جي ڀڃڪڙي: اليڪشن ڪميشن جي نجي ٽي وي چئنل خلاف ڪارروائي جي هدايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن نجي ٽي وي چئنل طرفان اڄ منجهند هڪ سياستدان جو سڌي ريت انٽرويو نشر ڪرڻ تي نوٽيس وٺندي پيمرا کي ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) کي چئنل خلاف اليڪشنز ايڪٽ 2017 جي قلم 182 ۽ قومي ميڊيا بابت ڪميشن جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي تي ايڪشن وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي.
اليڪشن ڪميشن ترجمان موجب پيمرا کي موڪليل خط ۾ واضح هدايتن باوجود هڪ سياسي اڳواڻ جو چئنل تي سڌي ريت انٽرويو نشر ڪرڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو ۽ هدايت ڪئي وئي ته اهڙي ڀڃڪڙي تي چئنل خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.