ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا هانيا عامر محبتن جي عالمي ڏينهن ”وينلنٽائنز ڊي“ کان اڳ پنهنجن دوستن کي ڌمڪي ڏئي ڇڏيو.
هانيا عام سوشل ميڊيا سائيٽ انسٽاگرام جي اسٽوري ۾ پنهنجي وڊيو شيئر ڪئي جنهن هن پنهنجن دوستن کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته جيڪڏهن منهنجي ڪنهن به دوست 14 فيبروري يعني محبتن جي عالمي ڏينهن تي گُلن جي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي ته آئون اُن دوست کي ان فالو ڪري ڇڏينديس.
اداڪارا پنهنجي وڊيو ۾ اهو واضح ناهي ڪيو ته هوءَ گُلن جي تصوير شيئر ڪندڙ پنهنجن دوستن کي ڇو ان فالو ڪندي پر سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ آهي ته هانيا عامر سنگل آهي ۽ گُلن جي تصوير ڏسي هوءَ احساس ڪمتري جو شڪار ٿي ويندي.
هانيا عامر جي اها وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جتي واهپيدارن پاران اداڪارا کي سخت تنقيد جو نشانو به بڻايو پيو وڃي.
View this post on Instagram
واهپيدارن جو چوڻ هو ته اسان کي ته لڳي پيو ته هانيا عامر اليڪشن بابت ڳالهائيندي پر کيس پاڪستان جي مستقبل کان وڌيڪ ويلنٽائنز ڊي جو فڪر آهي.