پاڪستان کان پوءِ 53ملڪن ۾ چونڊون ٿينديون

پاڪستان جا ساڍا 12 ڪروڙ کان وڌيڪ ووٽرز 8 فيبروري تي پنهنجي راءِ جي حق جو استعمال ڪندا، پر پاڪستان کانسواءِ به ٻين 53ملڪن جو عوام هلندڙ سال جي پڄاڻي تائين ووٽ جو حق استعمال ڪندو.
رپورٽ موجب سال 2024ع ۾ 64 ملڪن ۾ چونڊون ٿينديون ۽ تقريبن دنيا جي اڌ آبادي ووٽ ڏيندي.
سال 2024ع ۾ جن 64 ملڪن ۾ چونڊون ٿيڻيون آهن، انهن مان 9 ملڪن ۾ 7 فيبروري تائين چونڊون ٿي چڪيون جڏهنت پاڪستان ۾ سڀاڻي ووٽنگ ٿيندي.
اسلامي ملڪ آذربائيجان جي عوام 7 فيبروري تي نئون صدر چونڊ لاءِ پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪيو جڏهن ته ڏکڻ ايشيائي ملڪ بنگلاديش ۾ گذريل مهيني 7 جنوري تي چونڊيون ٿي چڪيون.
اهڙي طرح پرتگال ۾ 4 فيبروري، ڪوسٽا ريڪا ۾ به 4 فيبروري جڏهن ته ايل سلواڊرو ۾ چونڊن جو پهريون مرحلو به 4 فيبروري تي ٿيو ۽ اتي آخري مرحلو ايندڙ مهيني مارچ جي شروع ۾ ٿيندو.
ڏکڻ ايشيائي ملڪ ڀوٽان ۾ به گذريل مهيني 9 جنوري تي قومي اسيمبلي جون چونڊون ٿيون هيون جڏهن ته تائيوان ۾ به 13 جنوري تي عوام ووٽ ڏنو.
سال 2024ع جي شروع کان 8 فيبروري تائين پاڪستان سوڌو گڏيل طورتي 9 ملڪن جو عوام پنهنجي راءِ جي حق جو استعمال ڪري چڪو هوندو جڏهن ته ٻين 53 ملڪن جو عوام ووٽ جو حق استعمال ڪندو.
ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ڀارت ۾ به رياستي ۽ راجيا سڀا جون چونڊون ٿينديون جڏهن ته ترڪيه سوڌو ٻين ملڪن ۾ به هلندڙ سال چونڊون ٿينديون.
هلندڙ سال نومبر ۾ آمريڪا ۾ به صدارتي چونڊون ٿينديون جڏهن ته برطانيا سوڌو يورپين يونين پارليامينٽ جون چونڊون به هلندڙ سال ئي ٿينديون.
اهڙيءَ طرح روس، اسپين، آسٽريليا، سري لنڪا، اتر ڪوريا، انڊونيشيا، مالديپ، ڪمبوڊيا، تيونس، الجزائر، روانڊا ۽ سينيگال سوڌو 9 فيبروري کان وٺي 31 ڊسمبر 2024 تائين وڌيڪ 53 ملڪن ۾ چونڊون ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.