پاڪستان ۾ ووٽرز 8 فيبروري تي پنهنجي پسند جي اميدوارن جي چونڊ ووٽ ذريعي ڪندا.
جمهوري حڪومتن کي چونڊن ذريعي چونڊيو ويندو آهي ۽ پاڪستان ۾ ماڻهن جو فيصلو ڇا هوندو، ان جي خبر ته 8 فيبروري کان پوءِ پئجي ويندي.
پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته 2024ع عالمي سطح تي چوندن جو سال آهي.
هن سال پاڪستان سوڌو گھٽ ۾ گھٽ 64 ملڪن ۾ چونڊون ٿينديون ۽ دنيا جي 49 سيڪڙو آبادي راءِ جي حق جو استعمال ڪندي.
تنهنڪري دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ چونڊن بابت ڪجهه دلچسپ حقيقتون ڄاڻو.
گھڻن ملڪن ۾ چونڊون آچر جي ڏينهن ئي ٿينديون آهن
هونئن ته هن ڀيري پاڪستان ۾ عام چونڊون خميس جي ڏهاڙي تي ٿي رهيون آهن پر دنيا جي گھڻن خطن ۾ اليڪشن لاءِ آچر جي ڏينهن کي ترجيح ڏني ويندي آهي.
پر آمريڪا اُهو ملڪ آهي جتي اڱاري جي ڏينهن چونڊون ڪرايون وينديون آهن، اهڙيءَ طرح ڪئناڊا ۾ سومر، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ ڇنڇر ۽ برطانيا ۾ خميس جو ڏينهن چونڊن لاءِ مخصوص آهي.
اُهي ملڪ جتي ماڻهو پاڻمرادو ووٽرز رجسٽرڊ ٿي ويندا آهن
فرانس ۽ سويڊن اهڙا ملڪ آهن جتي ماڻهن کي چونڊن کان اڳ رجسٽر ڪرائڻ جو فڪر ناهي هوندو.
ڄاڻايل ملڪن جي حڪومتن پاران پاڻمرادو اهل ووٽرن کي رجسٽر ڪيو ويندو آهي.
فرانس ۾ جيڪو به 18 سالن جو ٿيندو آهي ته ان جو نالو ووٽنگ لسٽ ۾ شامل ٿي ويندو آهي جڏهن ته سويڊن ۾ ووٽنگ جي اهل شهرين جي لسٽ تيار ڪرڻ لاءِ ٽيڪس ڊيٽا تي ڀاڙيو ويندو آهي.
اُهو ملڪ جتي ووٽ وجهڻ لازمي آهي
آسٽريليا ۾ 18 سالن کان وڌيڪ عمر جي هر فرد تي قانون تحت وفاقي چونڊن ۾ ووٽ وجهڻ لازمي آهي.
اهڙيءَ طرح برازيل، ميڪسيڪو، پيرو، سنگاپور ۽ ٿائيلينڊ سميت گھٽ ۾ گھٽ 22 ملڪن ۾ لازمي ووٽنگ جو قانون لاڳو آهي.
اُهي ملڪ جتي ووٽنگ لاءِ چونڊ مرڪز وڃڻ جي ضرورت ناهي
2005ع کان يورپي ملڪ ايسٽونيا ۾ ماڻهن کي پولنگ اسٽيشنز جي ڊگھين قطارن ۾ بيهڻ بدران آن لائين ووٽ ڏيڻ جي سهولت حاصل آهي.
اتي 2003ع جي پارلياماني چونڊن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن آن لائين ووٽنگ سسٽم مان فائدو ورتو هو.
اُهي ملڪ جتي ووٽنگ جي شرح سڀ کان وڌيڪ هوندي آهي
پاڪستان ۾ 2018ع جي چونڊن ۾ ووٽنگ جي شرح 51 سيڪڙو کان وڌيڪ هئي جيڪي گھڻي مثالي ناهي.
پر ڪجهه ملڪن جهڙوڪ سويڊن ۾ اها شرح (80.3)، ڏکڻ ڪوريا ۾ (76.7) ۽ آئيس ليند ۾ (75.8) سيڪڙو آهي.
منهنجو ووٽ ڪنهن جي لاءِ به نه آهي
پاڪستان ۾ ته جيڪڏهن تڪ ۾ بيٺل سمورا اميدوار پسند نه هجن ته ماڻهو گھر ويهڻ کي کي ترجيح ڏيندو.
پر ڪجهه ملڪن ۾ اهڙن ماڻهن کي دلچسپ طريقي سان پولنگ مرحلي جو حصو بڻايو ويندو آهي.
ڪولمبيا، يونان، ڀارت ۽ ڪجهه ٻين ملڪن ۾ ووٽرن کي ڪو به نه جو آپشن به بليت پيپر ۾ ڏنو ويندو آهي، ته جيئن چونڊ اميدوارن کان ناراض ماڻهو پنهنجي ڪاوڙ ان جي ذريعي ڪڍي سگھن.
اتر ڪوريا جون چونڊون به انوکي هونديون آهن
اتر ڪوريا جي چونڊن کي جمهوري چوڻ ڏکيو آهي ڇو جو اتي شهرين وٽ پنهنجي پسند جو حق ناهي هوندو.
اتر ڪوريا جي حڪمران جماعت ووٽن کان اڳ ئي ڪامياب اميدوارن جي چونڊ ڪري وٺندي آهي تنهنڪري ووٽ دوران شهري هڪ دٻي ۾ نالن جي هڪ پرنٽ آئوٽ وجهي پنهنجي سپورٽ جو اشارو ڏيندو آهي.
ان سان گڏ هڪ ٻئي دٻي کي اميدوارن کي رد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
برطانوي بادشاهه به چونڊن ۾ حصو وٺي سگھن ٿا
برطانيا ۾ اهڙو ڪو قانون نه آهي جيڪو بادشاهه کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪي سگھي.