ڊاڪٽر مريضن کي وٽامنز، ملٽي وٽامنز، منرلز شيون تجويز نه ڪندا: ڪابينا جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وفاقي ڪابينا دوائن جي اگهن جي ڊي ريگوليشن جي حوالي سان تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا.
پڌرائيءَ موجب ڪابينا دوائن جي اگهن جي ڊي ريگوليشن جي حوالي سان تجويزن جي منظوري ڏني، اهي دوائون انتهائي ضروري دوائن جي فهرست ۾ شامل ناهن.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته ڊاڪٽر مريضن کي وٽامنز، ملٽي وٽامنز، منرلز ۽ اوور دي ڪائونٽر شيون تجويز نه ڪن.
پڌرائيءَ موجب ڊريپ ملٽي وٽامنز، منرلز جي فهرست عالمي معيار موجب جوڙيندي، ڊريپ ان حوالي سان صوبائي حڪومتن سان به رابطي ۾ رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.