سچن ۽ سهارن جي شاندار بيٽنگ، ڀارت، ڏکڻ آفريڪا کي هارائي انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو

بينوني(ويب ڊيسڪ ) انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ ڀارت ڏکڻ آفريڪا کي سخت مقابلي کانپوءِ ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
ڏکڻ آفريڪا جي 245 رنسن جي جواب ڀارتي ٽيم جي شروعات انتهائي مايوس ڪندڙ رهي، ڀارت جون چار وڪيٽون 32 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ڪِري پيون.
شروعاتي جهٽڪن کانپوءِ ِ ڪپتان اُدي سهارن ۽ سچن ڌاس ڀارتي ٽيم کي سهارو ڏنو ۽ هوريان هوريان اسڪور کي اڳتي وڌايو ٻنهي پنجين وڪيٽ لاءِ رڪارڊ ڀائيواري قائم ڪئي.
سچن ڌاس 96 جي ٽاپ اننگز کيڏي جڏهن ته ڪپتان اُدي سهارن 81 رنسون ٺاهيون.
راج ليمبني 13 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي جڏهن ته ارشن ڪُلڪرني 12 ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ڏکڻ آفريڪا جي ٽريسٽن لوس ۽ ڪئونا مڦاڪا 3، 3 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون.
ڏکڻ آفريڪا جي شهر بينوني ۾ کيڏيل پهرين سيمي فائنل ۾ ڀارتي ڪپتان اُدي سهارن ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
ڏکڻ آفريڪا پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 244 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريڪا جي لهوان پريٽوريئس 76 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته رچرڊ سيلسٽوين ٻن ڇڪن ۽ چئن چوڪن جي مدد سان 64، جوآن جيمز 24، ٽرسٽن لوس 23 ۽ اوليور وائٽ هيڊ 22 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا.
ڀارت جي راج لمباني 3، مشير خان 2 جڏهن ته سومي پانڊي ۽ نمن تيواري هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
شاندار بيٽنگ جي اُدي سهارن کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
17

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.