عرفان پٺاڻ شادي جي 8 سالن کانپوءِ زال جا فوٽو رکي ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عرفان پٺاڻ شادي جي 8 سالن کانپوءِ زال جون تصويرون شيئر ڪيون آهن.

سوشل ميڊيا تي صفا بيگ جون تصويرون گهٽ ڏسڻ لاءِ ملنديون آهن ۽ عرفان پٺاڻ پهريون ڀيرو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون آهن.

هيل تائين عرفان پٺاڻ سوشل ميڊيا تي گهٽ ايڪٽ هو، ان کان اڳ شيئر ڪيل سڀ تصويرن ۾ صفا کي حجاب يا ماسڪ پهريل هو.

عرفان پٺاڻ جي محبت جي ڪهاڻي ته سڀ ڄاڻين ٿا، صفا سان سندس ملاقات 2014 ۾ ٿي هئي ۽ ان وقت هوءَ ڪو پردو نه ڪندي هئي.

شادي کان اڳ هو 2 سال هڪ ٻئي کي ڊيٽ ڪندا رهيا هئا پوءِ هنن 2016 ۾ شادي ڪئي هئي.

صفا بيگ هڪ ماڊل هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.