اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي پوسٽل بيلٽ پيپرن بابت غلط ۽ بي بنياد خبرون پکيڙيون پيون وڃن.
اليڪشن ڪميشن ترجمان موجب غلط خبرن ۾ اميدوارن جي پوسٽل بيلٽ پيپرن جو انگ لکيو پيو وڃي، اها گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊا آهي.
ترجمان چيو ته رٽرننگ آفيسر پوسٽل بيلٽ سرڪاري ڳڻپ دوران اليڪشن ايجنٽن جي موجودگي ۾ ڪندو آهي، ان کانپوءِ اهي بيلٽ پيپر حتمي رزلٽ ۾ شامل ڪيا ويندا آهن.
ترجمان اپيل ڪئي ته عوام اهڙين غلط خبرن تي ڌيان نه ڏئي.
واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ وائرل هئي، جنهن ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي ته اهي سينٽرل جيل ڊي آءِ خان جي پوسٽل بيلٽ جا نتيجا آهن.
Prev Post
You might also like