ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زداري چيو آهي ته نواز شريف انتظاميا تي دٻاءُ وجهي اليڪشن ۾ ڳڙٻڙ ڪرائڻ چاهي ٿو جڏهن ته نگران حڪومت ۽ انتظاميا نواز شريف جي حق ۾ جانبدار آهن.
آمريڪي خابرو اداري سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊن کانپوءِ مسلم ليگ نون سان اتحاد نه ڪندا، سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار گهٽ ڪرڻ لاءِ پهريون قدم سياستدانن کي کڻڻو پوندو.
هن چيو ته نواز شريف انتظاميا تي دٻاءُ وجهي اليڪشن ۾ ڳڙٻڙ ڪرڻ چاهي ٿو، نگران حڪومت ۽ انتظاميا نواز شريف جي حق ۾ جانبدار آهن، راجا رياض مسلم ليگ ن جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهي رهيو آهي تنهنڪري نگران سيٽ اپ تي شڪ شبها آهن
سندس چوڻ هو ته ،هي نون ليگ ميثاقِ جهموريت واري نون ليگ ناهي رهي، هيءَ ووٽ ڏيو واري نه پر آءِ جي آءِ واري مسلم ليگ آهي، اِها امير المونين جا خواب ڏسڻ واري نون ليگ آهي، اميد آهي نواز شريف جي دٻاءَ باوجود نگران حڪومت چونڊن ۾ مداخلت نه ڪندي ۽ پيپلز پارٽي ڪامياب ٿي حڪومت ٺاهيندي.
هن چيو ته سياسي اڳواڻ اختلافن کي سياست تائين محدود رکن، ذاتي دشمني نه بڻائن، هو پنهنجي منشور تحت چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو ملڪ ۾ سياسي استحڪام چاهن ٿا، سياسي انتقام جي سياست ڪرڻي آهي ته نقصان ٿيندو، اليڪشن جي شفافيت تي پهرين ئي سوال آهن چاهيون ٿا چونڊ عمل تي ان کان وڌيڪ تنقيد نه ٿئي، جيترو ممڪن ٿئي صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائي وڃي، ليول پليئنگ فيلڊ ڏني وڃي ته جيئن اليڪشن جي ساک بحال ٿئي.
سندس چوڻ هو ته 9 مئي واقعو بلڪل سياست جي دائري ۾ نه هو، سياستدانن کي ظابطا طئي ڪرڻا پوندا ۽ سياست کي سياست ئي رهڻ ڏنو وڃي.
سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار بابت ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان ۾ جهموري ارتقا لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان سلسلي ۾ جيڪي قدم کنيا ويا آهن ان ۾ شروعات سياستدانن کي ڪرڻي پوندي.
پنهنجي ڳالهه جي وضاحت ڪندي سندس چوڻ هوته هڪ سياستدانن کي هڪٻئي جي عزت ڪرڻي پوندي ڇو ته جيڪڏهن اسان هڪ ٻئي جي عزت نه ڪنداسين ته اميد نه رکو ته ڪو ٻيو اسان جي عزت ڪندو.
هن چيو ته سياسي اڳواڻن پنهنجي رياست جي داري ۾ رهي ڪري سياست ڪرڻي کپي جيڪڏهن اسان ائين نه ڪنداسين ته ٻئي مان به اميد نه رکو ته هو پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪندو.
Next Post
You might also like