ٽوئيٽر جي مقابلي ۾ آيل ٿريڊز جا واهپيدار وڌي ويا

ميٽا طرفان ٿريڊز کي ايڪس (ٽوئيٽر جو نئون نالي) جي مقابلي ۾ جولاءِ 2023ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.
شروع ۾ ته ان نئين سوشل ميڊيا پليٽ فارم ۾ ماڻهن ڪافي دلچسپي ڏيکاري پر پوءِ اُهي ان کان پري ٿيڻ لڳا.
پر ميٽا پاران ٿريڊز کي بهترين بڻائڻ جي ڪوشش هاڻي ڪم اچي رهي آهي ۽ ان جي واهپيدارن جي انگ ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي.
ميٽا جي چيف ايگزيڪٽو مارڪ زڪربرگ ڪمپني جي ٽي ماهي آمندي رپورٽ جاري ڪندي ٻڌايو ته ٿريڊز جي ماهوار واهپيدارن جو انگ 13 ڪروڙ کان وڌي ويو آهي.
هن ٻڌايو ته ٿريڊز واهپيدارن جو انگ وڌي رهيو آهي ۽ هاڻي ان کي استعمال ڪندڙن جو انگ لانچ جي ڀيڻ ۾ وڌي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.