نيٺ دل ۾ طوفان رکندڙ ثانيا مرزا جا جذبات اڀري پيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شعيب ملڪ طرفان ٻي شادي جي اعلان بعد به ان معاملي تي خاموش رهندڙ سندس اڳوڻي زال ثانيا مرزا جي نئين پوسٽ ڏسڻ وارن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته ڀارتي ٽينس اسٽار هن ڀيري گهڻو ڪجهه چئي وئي آهي.

اڳوڻي ڪرڪيٽ ڪپتان ۽ اداڪارا ثنا جاويد جي شادي بعد اڳوڻي ڀارتي ٽينس اسٽار جي پيءُ طرفان تصديق ڪئي وئي هئي ته سندس ڌيءُ شعيب ملڪ کان خلع ورتي آهي، تنهن بعد ثانيا جي ڀيڻ طرفان به پيغام جاري ڪندي پرائيويسي جو احترام ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي.

ان دوران ثانيا سوشل ميڊيا تي پنهنجي روٽين جي سرگرمين جون تصويرون پوسٽ ڪندي ڪيپشن ذريعي پنهنجي مضبوط شخصيت ظاهر ڪري رهي هئي.

پر هاڻي سندس شيئر ڪيل انسٽاگرام پوسٽ مان ظاهر ٿئي ٿو ته هر خاموشي جي پٺيان هڪ طوفان لڪيل هوندو آهي.

ثانيا انگريزي ٻولي ۾ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اوهان زندگي ۾ هزارين شين مان گذرندا آهيو جن بابت ماڻهن کي خبر به ناهي هوندي، اوهان اهڙين شين مان گزرندا آهيو جيڪي اوهان کي ڌوڏي ڇڏينديون آهن، تبديل ڪري ڇڏينديون آهن، ڀڃي ڇڏينديون آهن، اوهان کي ٺاهينديون آهن، سيکارينديون آهن ته ايترو مضبوط ڪيئن ٿيڻو آهي جيترو اوهان ڪڏهن سوچيو به نه هو.

پوسٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سڀ کان وڌ ته اوهان اهي ئي آهيو جيڪي اوهان آهيو، ان لاءِ جيڪڏهن (ڪير) ايندڙ ڀيري (اوهان کي) ننڍين شين جي ڪري جاچي جيڪي هن ڏٺيون هجن ۽ مداخلت ڪري ته ياد رکو ته اوهان ڪهڙين شين مان گذريا آهيو، ۽ مرڪندي هلندا رهو ڇو ته اوهان وٽ ڪنهن ٻئي تي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، اوهان اڳ ئي پنهنجو پاڻ تي گهڻو ڪجهه ثابت ڪري چڪا آهيو، اوهان طوفانن مان گذري چڪا آهيو ۽ ڇو ته اوهان پاڻ ان کي سنڀالي رکيو هو تنهن ڪري ماڻهن اهو سڀ ڪجهه ڏٺو ئي ناهي هوندو.

انهن لفظن جي معنيٰ اها ئي ٿي سگهي ٿي ته ڪنهن به عورت لاءِ سندس گهر ٽٽڻ ننڍي ڳالهه ناهي هوندي پر ان جي پٺيان ننڍا ننڍا سبب ڄاڻڻ بنا رڳو تفريح لاءِ اندازا هڻڻ تڪليف پهچائيندا آهن.

ثانيا طرفان مرڪندي اڳتي وڌندا رهو جو پيغام ماڻهن کي سوچڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.