پاڪستانين جي اڪثريت ڪراچي کي ملڪ جو گندو ترين شهر قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گيلپ پاڪستان جي سروي ۾ ملڪ جي گندي ترين شهرن ۾ ڪراچي سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو.
عوامي راءِ ڄاڻڻ جي حوالي سان مشهور اداري گيلپ پاڪستان نئين سروي جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ 20 سيڪڙو پاڪستانين نالو کڻي ڪراچي کي پاڪستان جو گندو ترين شهر چيو.
سروي موجب لاهور کي 8 سيڪڙو، گوجرانوالا کي 2 سيڪڙو، حيدرآباد کي هڪ سيڪڙو ماڻهن گندو شهر قرار ڏنو.
سروي ۾ 11 سيڪڙو ماڻهن چيو ته پاڪستان ۾ ڪو شهر گندو ناهي، 47 سيڪڙو ماڻهن ان سوال جو ڪو جواب نه ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.