مڙس جي حوصلاافزائي سان گلوڪاري جي ميدان ۾ پير رکيو: پرينيتي چوپڙا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا پرينيتي چوپڙا چيو آهي ته هن پنهنجي مڙس راگهو چڊا جي حوصلا افزائي سبب گلوڪاري جي ميدان ۾ پير رکيو.
هڪ تازو انٽرويو ۾ ادڪارا جو چوڻ هو ته هن جو مڙس سندس گلوڪاري جي جنون مان واقف آهي ۽ هن ان ميدان ۾ وڌڻ لاءِ گھڻي مدد ڪئي آهي.
پرينيتي چوپڙا جو چوڻ هو ته کيس يقين ناهي اچي رهيو ته هوءَ ٻيو ڪيريئر شروع ڪري رهي آهي، ان کان اڳ ڪنهن اداڪارا ائين ناهي ڪيو.
هن ٻڌايو ته هوءَ ننڍپڻ ۾ موسيقي جي مقابلن ۾ شريڪ ٿيندي هئي ۽ هن چينل جي لائيو شو ۾ به پرفارمنس ڏني هئي.
واضح رهي ته پرينيتي چوپڙا تازو ئي اسٽيج پرفارمنس جي حوالي سان پنهنجو ميوزڪ ڊيبيو ممبئي ميوزڪ فيسٽيول ۾ ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.