پاڪستان کي ورلڊ چيمپيئن بڻائڻ چاهيان ٿو: بابر اعظم

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڀلوڙ بيٽر بابر اعظم چيو آهي ته هو اڄ جنهن مقام تي ان ۾ سرفراز احمد جو وڏو ڪردار آهي، هن گهڻو سپورٽ ڪيو.
اڳوڻي ڪپتان ٽوئيٽر اسپيس ۾گفتگو ڪندي چيو ته فخر زمان پاڪستان جو ميچ ونر رانديگر آهي بنگلاديش جا کاڌا ٿورو مٺا آهن پر مزيدار آهن بنگلاديشي مداح ڏاڍو سپورٽ سپورٽ ڪن ٿا.
بابر اعظم چيو ته هو ننڍپڻ ۾ ماءُ جو ڪم ۾ هٿ ونڊائيندو هو، والدين ئي سندس رول ماڊل آهن، عالمي ڪپ کٽڻ سڀ کان وڏو مقصد آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان لاءِ ڊيبيو ۽ ڪپتاني ڪرڻ سندس ڪيريئر جا ٻه جذباتي لمحا هئا جڏهن ته عالمي ڪپ ۾ زمبابوي هٿان پاڪستان جي شڪست سندس لاءِ افسوس ناڪ ڏينهن هو.
هڪ سوال جي جواب ۾ بابر اعظم چيو ته پاڪستان سپر ليگ ۾ سموريون ٽيمون بهترين آهن، خاندان کانپوءِ مداحن کي سڀ کان وڏو سپورٽر سمجهندو آهيان، جيڪي هر سٺي ۽ خراب وقت ۾ گڏ بيٺا هوندا آهن.
ٽيسٽ ڪرڪيٽ بابت سندس چوڻ هو ته ٽيسٽ ۾ آسٽريليا خلاف برسبين ۽ ڪراچي ۾ کيڏيل اننگز سندس لاءِ يادگار آهن، ٽي ٽوئنٽي ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف 122 ۽ نيوزيلينڊ خلاف سينچري فيورٽ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.