ڪنهن کي سياسي سرگرمي جي نالي تي تشدد جي اجازت نه ڏني ويندي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڪنهن کي سياسي سرگرمي جي نالي تي تشدد جي اجازت نه ڏني ويندي، فوج آئيني مينڊيٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي هدايتن موجب فرض انجام ڏيندي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 262هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد لاءِ فوج جي مقرري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
فورم ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪنهن کي سياسي سرگرمي جي نالي تي تشدد، آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊ عمل ۾ رنڊڪ وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته فوج آئيني مينڊيٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي هدايتن موجب فرض انجام ڏيندي.
فورم اتفاق ڪيو ته ڀارت جي عالمي قانونن جي کليل نموني ڀڃڪڙي ۽ ان جو اصل چهرو به دنيا سامهون وائکو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.