پاڻ مان مطئمن نه آهيان: بابر اعظم

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڀلوڙ بيٽر بابر اعظم چيو آهي ته هو جتي بيٺو آهي ان مان مطمئن نه آهي اڃا وڌيڪ منزلون ماڻڻيون آهن.
بنگلاديش ۾ ڪرڪيٽ ويب سائيٽ کي انٽرويوءَ ڏيندي بابر اعظم چيو ته بنگلاديش پريميئر ليگ کيڏڻ سبب هتان جي ڪنڊيشنز ۾ اسپنرز کي کيڏڻ تجربو حاصل ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته بي پي ايل ۾ ڪوالٽي اسپنرز آهن، وڪيٽون سوليون نه آهن، هر ڪنڊيشنز بابت ڄاڻ هوندي آهي ۽ ان مطابق کيڏڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.
بابر چيو ته هو نيوزيلينڊ کان هتي پهتو، ٻنهي ملڪن جي ڪنڊيشنز ۾ فرق آهي، پارٽنرشپ لاءِ وڪيٽ تي ٽِڪي کيڏڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته ٽي ٽوئنٽي ۾ نوجوان جي موجودگي سٺو سنئوڻ آهي پر ان سان گڏوگڏ تجربي جي به ضرورت هوندي آهي، تجربيڪار رانديگر کي اندازو هوندو آهي ته دٻاءُ ۾ ٽيم کي ڪيئن سنڀالڻو آهي.
بابر چيو ته ايشين رانديگرن کي آسٽريليا، نيوزيلينڊ، انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ پريشاني جو منهن ڏسڻو پوندو آهي، ان جو هڪ ئي حل آهي بائونس ۽ رفتار لاءِ پاڻ کي تيار ڪيو.
ڪور ڊرائيو بابت سوال جي جواب ۾ بابر اعظم چيو ته اِها شاٽ سندس طاقت آهي، جنهن سان سندس اعتماد وڌندو آهي.
بابر اعظم چيو ته هو جڏهن فلاپ ٿيندو آهي ته ڪيئي ماڻهن سان صلاح مشورو ڪري پنهنجي غلطين مان سکڻ جي ڪوشش ڪوندو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪور ڊرائيو لاءِ وڏي محنت ڪئي آهي هاڻي ڪنهن حد تائين ماهر ٿي ويو آهيان، مان جتي بيٺو آهيان ان مان مطمئن نه آهيان اڃا وڌيڪ منزلون ماڻڻيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.