رشڀ پنت خوفناڪ ڪار حادثي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽر رشڀ پنت پنهنجي خوفناڪ ڪار حادثي بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي وڪيٽ ڪيپر بيٽر رشڀ پنت ڊسمبر 2022ع ۾ بدترين ڪار حادثي جو شڪار ٿيو هو جنهن بابت هن پهريون ڀيرو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
هڪ انٽرويوءَ دوران ڪرڪيٽر ٻڌايو ته حادثو اترا کنڊ رياست ۾ پيش آيو جنهن ۾ سندس ڄنگهه ۽ گوڏي تي سخت ڌڪ رسيا جڏهن ته مٿو ٻن هنڌن تان ڦاٽي پيو هو.
رشڀ پنت چيو ته حادثي وقت کيس لڳو دنيا ۾ سندس وقت پورو ٿي ويو آهي ۽ ڌڪن بابت اندازو هو پر خوشقمستي وچ ۾ اچي وئي ۽ سخت زخمي هئڻ باجود به بچي ويس.
هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن هن کي بچايو ۽ فوري اسپتال منتقل ڪيو، پوءِ ڊاڪٽر کان پڇڻ تي ٻڌايو ته صحتياب ٿيڻ ۾ 17 کان 18 مهينا لڳي ويندا ۽ مڪمل فٽ رهڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.