گرفتار جوابدار واش روم وڃڻ جو بهانو ڪري پوليس اهلڪار کي ماري ڇڏيو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ بڍ بير پوليس چوڪي سيفن ۾ جوابدار پوليس اهلڪار کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
پشاور پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس چوڪي سيفن ۾ حراست هيٺ جوابدار واش روم وڃڻ جي بهاني ٻاهر نڪتو ۽ محرر جي ڪمري مان رائفل کڻي فائرنگ ڪئي.
پوليس ٻڌايو ته فائرنگ جي نتيجي ۾ چوڪي ۾ موجود پوليس اهلڪار مارجي ويو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو.
واقعي کانپوءِ پوليس جي واڌو نفري پهچي وئي ۽ جوابدار جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.