بيٽرين سان هلندڙ اٺن پکن وارو جهاز

ايمسٽرڊيم (ويب ڊيسڪ) نيڌرلينڊز سان واسطو رکندڙ سائنسدانن اهڙي برقي جهاز جو منصوبو پيش ڪيو آهي جيڪو مستقبل ۾ ڊگھي وقت جي اڏام کي صاف ۽ سستو ڪندي صنعت کي تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
اوڪٽوپلين نالي اهو جهاز برقي جهاز آهي جنهن تي بيٽري سان هلندڙ اٺ پر لڳل آهن ۽ اهو فيول گھٽائڻ کانسواءِ نيڌرليند کان سوئٽزليند تائين جو سفر ڪري سگھي ٿو.
ڊچ اسٽارٽ اپ ايليسيئن (اوڪٽوپلين جي خالق ڪمپني) جو ان جهاز کي بڻائڻ جو مقصد برقي جهازن جي ڊگھي اڏام لاءِ مناسب نه هجڻ جي روايتي سوچ کي رد ڪرڻ آهي.
انهيءَ ڪري اسٽارٽ اپ ان جهاز جو خيال سفر لاءِ استعمال ٿيندڙ وڏن وڏن جهازن کي ڏسي بڻايو آهي جيڪي وڏي مقدار ۾ ٻارڻ گڏ کڻي هلندا آهن.
ايليسيئن نيڌرليند ڊيلفٽ يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي ماهرن سان گڏ برقي جهازن لاءِ نئين سوچ کي ڳولڻ تي تحقيق ڪئي.
ايليسيئن ۾ ڊزائين ۽ انجينيئرنگ جي ڊائريڪٽر رنارڊ ڊي وريز جو چوڻ هو ته اسان کي اهو محسوس ٿيو ته ڊزائين جي پراڻي ڪتب ۾ اهڙي ڄاڻ لڪيل آهي جنهن کي ڪڏهن به بيٽري سان هلندڙ برقي جهازن تي لاڳو ناهي ڪيو ويو.
اوڪٽوپلين جا پَر وڏا آهن ۽ روايتي جهازن جي ڀيٽ ۾ ٻارڻ جي جاءِ تي ننڍي آهي جيڪا ان جي ايروڊائنامڪس بهتر بڻائي ٿي.
141 فوٽ ويڪرن پرن کي اهڙي طرح بڻايو ويو آهي جيڪي ايئرپورٽ ۾ سولائي سان داخل ٿيڻ لاءِپنهنجا پر فولڊ ڪري سگھن ٿا، بيٽري کي پرن تي لڳايو ويو آهي ته جيئن دستياب هنڌ کي استعمال ڪري سگھجي ۽ جهاز جي سانچي کي هلڪو بڻائي سگھجي.
ڪمپني چاهي ٿي ته اهو جهاز 90 مسافرن سان هڪ چارج ۾ 800 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ مفاصلو طئي ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.