پاڪستان ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث ڀارتي ايجنٽن جي گرفتاري تي چين جو ردعمل

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث ڀارتي ايجنٽن جي گرفتاري تي چين جو ردعمل سامهون اچي ويو.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وين بن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي جاري ڪيل ڄاڻ تي اسان جي توجه آهي، دهشتگردي انسانيت جي گڏيل دشمن آهي.
چيني ترجمان جو چوڻ هو ته چين دهشتگردي جي خلاف ٻٽي معيار جي مخالفت ڪري ٿو، دهشتگردي جي خلاف ٻٽو معيار ڪنهن جي مفاد ۾ ناهي هوندو، دهشتگردي جي خلاف ٻٽي معيار جو ابتو اثر ٿيندو آهي.
وانگ وين بن چيو ته چين ملڪن وچ ۾ دهشتگردي خلاف سهڪار مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو، هر قسم جي دهشتگردي سان جنگ لاءِ سڀني ملڪن ۾ سهڪار مضبوط هجڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.