اسٽيٽ بئنڪ نوان ڪرنسي نوٽ آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) نيشنل سينٽرل بئنڪ (ايس بي پي) اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي ته سمورن قسمن جا نوان ڪرنسي نوٽ متعارف ڪرايا وڃن.

مانيٽري پاليسي اجلاس کانپوءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر کان صحافين مارڪيٽ ۾ هلندڙ جعلي ڪرنسي نوٽن بابت سوال ڪيو، جنهن تي هن ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ نوان ڪرنسي نوٽ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن ٻڌايو ته نوان نوٽ يونيورسل سيڪيورٽي فيچرز سان پرنٽ ڪيا ويندا ۽ ان جو رنگ، سيريل نمبر، ڊيزائن پڻ اعليٰ سيڪيورٽي فيچرز سان متعارف ڪرائي ويندي.

جميل احمد چيو ته سمورن نون نوٽن جو ڊيزائن فريم ورڪ شروع ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڊيزائنرز ۽ ٽيڪنالاجي ماهرن جون خدمتون پڻ حاصل ڪيون پيون وڃن، اميد آهي ته اهو مارچ تائين مڪمل ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.