جسٽس مسرت هلالي کي ”ماءِ ليڊي شپ“ چوڻ تي وڪيل کي ڇنڊ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جي سربراهه اختر مينگل جي مخالف وڪيل کي سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس مسرت هلالي کي ”ماءِ ليڊي شپ“ چوڻ مهانگو پئجي ويو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ اختر مينگل جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ اعتراض ڪندڙ طرفان وڪيل سلطان احمد پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران جسٽس مسرت هلالي پڇيو ته توهان اميدوار خلاف حقيقتون اليڪشن ٽربيونل يا هاءِ ڪورٽ ۾ ڇو نه رکيون؟
وڪيل جواب ڏنو ته ماءِ ليڊي، حقيقتون هاءِ ڪورٽ سامهون رکيون ويون.
وڪيل جي هر هر ”ماءِ ليڊي شپ“ چوڻ تي فاضل جج اعتراض ڪيو ۽ چيو ته توهان مون کي ماءِ ليڊي شپ چئي مخاطب نه ڪيو.
چيف جسٽس وڪيل کي چيو ته توهان کي اهي لفظ پنهنجي گهرواري لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجن، توهان کي ”يو آر ليڊي شپ“ چئي مخاطب ڪرڻ گهرجي.
ان تي وڪيل معافي گهرندي چيو ته مان معذرت ڪيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.