”انٽرنيٽ بندش تي حڪومت کان جواب گهرون ته چوندا اسان جي مرضي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ملڪ ۾ بنا جواز انٽرنيٽ سروس جي بندش خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي تي حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت پي ٽي اي ۽ ٻين کي بنا وقفي انٽرنيٽ سروس فراهم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت پنهنجو سڄي ملڪ ۾ موبائل انٽرنيٽ سروس جاري رکڻ جو فيصلو برقرار رکيو.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عقيل عباسي چيو انٽرنيٽ ته اسان جي به بند ٿي ويندي آهي، چيو ويندو آهي ته سمنڊ ۾ انٽرنيٽ ڪيبل جي خرابي ٿي وئي آهي.
پي ٽي اي ۽ وفاقي حڪومت لکت جواب جمع ڪرائڻ لاءِ عدالت کان وقت گهري ورتو.
درخواستگذار جبران ناصر ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته گذريل سال مئي ۾ 3 ڏينهن مسلسل انٽڙنيٽ سروس بند رهي، انهن کان پڇيو وڃي ته ڪهڙي قانون تحت انٽرنيٽ سروس بند ڪئي وئي.
جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اهي چوندا اسان جي مرضي، انٽرنيٽ بند ڪئي سين يا چوندا ته ٽيڪنيڪل فالٽ اچي ويو هو.
جبران ناصر چيو ته سياسي جماعتن ۽ اميدوارن جون ويب سائيٽون بند ڪيون ويون آهن، هڪ سياسي جماعت جي ويب سائيٽ گذريل 7 ڏينهن کان بند آهي.
پي ٽي اي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ چونڊون ٿيڻ واريون آهن، انٽرنيٽ تي وڌيڪ بار سبب سروس سلو ٿي ويندو آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ جي مقبول ترين سياسي جماعت آهي، سڄي دنيا ۾ فالوئرز سرچ ڪندا آهن، ان سبب مسئلا آهن.
عدالت 6 فيبروري تي پي ٽي اي، وفاقي حڪومت ۽ ٻين کان رپورٽ طلب ڪندي انٽرنيٽ سروس بند نه ڪرڻ تي حڪم تي منع نامو برقرار رکيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.